رند احمد علي ڊاڪٽر

رند احمد علي ڊاڪٽر

رند احمد علي ڊاڪٽر

رند، احمد علي، ڊاڪٽر: ناميارو محقق، زرعي ماهر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر احمد علي ولد محمد عمر رند 1948ع ڌاري ڳوٺ الله بخش رند، تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. بنيادي تعليم ڳوٺ عيسو ڪيريو مان، مئٽرڪ سـڪــرنـڊ مان ۽ انٽر ۽ بي. اي ٽنڊي ڄام مان پاس ڪري 1971ع ۾ ايم. ايس. سي جو امتحان پاس ڪيائين. هن پنهنجي معاشي زندگيءَ جي شروعات ’سينٽرل ڊپارٽمنٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن ملير هالٽ ڪراچي‘ ۾ ’ريسرچ اسسٽنٽ‘ جي عهدي کان ڪئي، جنهن کانپوءِ هو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو، جتي ڊاڪٽر نياز لوڊوس جي سرپرستيءَ ۾ ايگي يونيورسٽي ازمير ترڪيءَ مان 1978ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس تحقيق جو شعبو زراعت هو، جنهن سبب هو زراعت جي ٽريننگ ۽ حڪومت طرفان زرعي ماهر طور دنيا جي پنجويهن ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر احمد علي رند زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۽ پشاور يونيورسٽيءَ طرفان پي. ايڇ. ڊي جي شاگردن جو گائيڊ پڻ مقرر ٿيو. سندس سرپرستيءَ ۾ ڪيئي (سنڌ توڙي پختونخوا) جا شاگرد پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪري چڪا آهن. احمد علي رند جا هيل تائين 77 مقالا ۽ ٻه سفرنامه ڇپجي چڪا آهن. هن وقت پاڻ ڪپهه جي تحقيقي اداري سڪرنڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. سندس رهائش مهراڻ ڪالوني، سڪرنڊ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو